تازه ترين

غوثپور ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ پيرسن تيز رفتار موٽرسائيڪل تان ڪري فوت ٿي ويو

- Advertisement -
غوثپور ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ پيرسن تيز رفتار موٽرسائيڪل تان ڪري فوت ٿي ويو. ڪچي جي ڳوٺ آدم جاگيراڻي ۾ فطرو ۽ زڪوات وٺڻ لاءِ آيل گھوٽڪي جي علائقي عادلپور واسي 50 ورهين جو مولانا عبدالباري سومرو موٽرسائيڪل تان ڪري زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان طبي امداد ڏيڻ بعد کيس ڳوٺ منتقل ڪيو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو. رابطي ڪرڻ تي ڳوٺ جي چڱي مڙس خان جاگيراڻي ٻڌايو ته پيرسن عبدالباري سومرو علائقي ۾ فطرو ۽ زڪوات وٺڻ لاءِ ڪچي جي علائقي ۾ موٽرسائيڪل تي ايندو ھو، ٻه ڏينهن اڳ هو تيز رفتاري ۽ روڊ خراب ھجڻ سبب گاڏي تان ڪري زخمي ٿي پيو، جيڪو فوت ٿي ويو. ڳوٺاڻن پيرسن جي فوتگي بابت حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو ته سندس لاش کڻائي وارثن حوالي ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
10 %
3.1kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون