- Advertisement -
ٿرڙي محبت ۾ ھفتو اڳ گھرو پريشانين سبب پاڻ کي گولي هڻندڙ شخص دم ڏئي ڇڏيو.
نوجوان غلام مصطفيٰ عرف ببلو خاصخيلي هڪ هفتو اڳ گهر پريشانين کان تنگ اچي پاڻ کي گولي هڻي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي لاڙڪاڻي اسپتال داخل ڪرايو ويو هو.
نوجوان غلام مصطفيٰ لاڙڪاڻي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
نوجوان جو لاش ميهڙ اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
وارثن جو چوڻ هو ته هڪ هفتو اڳ بنا سبب جي پاڻ کي گولي هڻي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو.- Advertisement -
