تازه ترين

ميرپورخاص ويجهو جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان کي گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

ميرپورخاص ويجهو جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان کي گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته الزام هيٺ آيل عورت ڳوٺاڻن وٽ پناهه وٺي ڇڏي، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

تعلقي ٿاڻي جي حد  بلوچ آباد ۾ جوابدارن گهر ۾ گهڙي 22 ورهين جي وحيد علي شر کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

جڏهن ته الزام هيٺ آيل عورت ڪومل شر گهران فرار ٿي ڳوٺ جي بااثر جي گهر پناھه وٺي پنهنجي جان بچائي.

اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو مڙھ اسپتال منتقل ڪيو ۽ ناري کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي کيس وومين ٿاڻي منتقل ڪيو.

پوليس موجب، واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن ڌڻي بخش شر ۽ سليمان شر کي گرفتار ڪيو  آهي جن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي.

ٻئي پاسي مقتول جي چاچي موسى شر صحافين کي ٻڌايو ته مائٽن جي ڇوڪري مقتول جي ڀاءُ رازق شر جي گهر آئي ته ڌڻي بخش شر، سليمان شر ۽ اسماعيل شر گهر تي حملو ڪري ڀائٽي وحيد کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ۽ عورت کي به مارڻ جي ڪوشش ڪئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
4.6 ° C
4.6 °
4.6 °
29 %
1.5kmh
47 %
ڇنڇر
4 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون