تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ميرپورخاص ويجهو جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان کي گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ميرپورخاص ويجهو جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان کي گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته الزام هيٺ آيل عورت ڳوٺاڻن وٽ پناهه وٺي ڇڏي، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. تعلقي ٿاڻي جي حد  بلوچ آباد ۾ جوابدارن گهر ۾ گهڙي 22 ورهين جي وحيد علي شر کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته الزام هيٺ آيل عورت ڪومل شر گهران فرار ٿي ڳوٺ جي بااثر جي گهر پناھه وٺي پنهنجي جان بچائي. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو مڙھ اسپتال منتقل ڪيو ۽ ناري کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي کيس وومين ٿاڻي منتقل ڪيو. پوليس موجب، واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن ڌڻي بخش شر ۽ سليمان شر کي گرفتار ڪيو  آهي جن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. ٻئي پاسي مقتول جي چاچي موسى شر صحافين کي ٻڌايو ته مائٽن جي ڇوڪري مقتول جي ڀاءُ رازق شر جي گهر آئي ته ڌڻي بخش شر، سليمان شر ۽ اسماعيل شر گهر تي حملو ڪري ڀائٽي وحيد کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ۽ عورت کي به مارڻ جي ڪوشش ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
52 %
2.2kmh
5 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون