تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پنگريو ويجهو زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ زخمي

- Advertisement -
پنگريو ويجهو زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي. ڳوٺ روپاڙو ۾ زميني تڪرار تان جوڻيجا ۽ آرائين برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب ڳوٺ مهراب چانڊيو واسي خالد چانڊيو مارجي ويو، جڏهن ته جاويد جوڻيجو زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس حيدرآباد جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس ڪارروائي ڪري آرائين برادري جي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
26 %
1kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
25 °

تازه ترين خبرون