تازه ترين

ميرپورخاص ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر پاران سول اسپتال جو دورو

ميرپورخاص ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، سول اسپتال جو دورو ڪري مريضن سان ملاقاتون ڪري علاج جي سهولتن بابت ڄاڻ ورتي.

ڊسٽرڪٽ سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ، مريضن کي دوائون نه ملڻ، عملي جي غير حاضري ۽ صفائي سٿرائي جو ناقص نظام ھجڻ بابت عوامي شڪايتن بعد ڊپٽي ڪمشنر نور مصطفي لغاري جي ھدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر يونس رند اسپتال جو دورو ڪيو.

دوري دوران هن عملي جي حاضري چيڪ ڪرڻ سميت داخل مريضن سان ملاقاتون ڪري سهولتن بابت ڄاڻ ورتي جڏهن ته صفائي جو بھتر نظام نه ھجڻ سبب سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ايم ايس  ڊسٽرڪٽ سول اسپتال ڊاڪٽر شيرو موتي پاران ڊاڪٽرن جي کوٽ سميت ٻين مسئلن بابت اي سي کي آگاهي ڏني.

ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر يونس رند چيو ته دوري دوران ڪجهه ملازم ڊيوٽين تان غير حاضر ھئا جن بابت ايم ايس کي آگاھي ڏني آھي.

هن چيو ته اسپتال جي دوري جو مقصد غريب مريض ماڻھن کي علاج جون بهتر سھولتون فراهم ڪرڻ آهي.

ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ڊي سي نور مصطفي لغاري چيو ته عوامي شڪايتن تي ٽيم جوڙي آھي، جيڪا مختلف وقتن تي اسپتال جو وزٽ ڪندي. هن چيو ته سندن ٽيم صفائي سٿرائي جو نظام بھتر بنائڻ سميت غريب مريض ماڻھن کي بھتر علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ سميت دوائون فراهم ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
119,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
52 %
2.3kmh
7 %
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
18 °
سُومر
18 °

تازه ترين خبرون