تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سزا معطلي سان قيدي نمبر 804 نه صادق ۽ امين بڻيو نه ئي ڏوهاري مان بيڏوهي ٿيو: فردوس عاشق اعواڻ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

استحڪام پاڪستان پارٽيءَ جي ترجمان فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سزا معطلي سان قيدي نمبر 804 نه صادق ۽ امين بڻيو نه ئي ڏوهاري مان بيڏوهي ٿيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هڪ فيصلو آيو، جنهن جي گونج ڪيترن ئي ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي اچي رهي هئي، ثابت ٿي ويو ته طاقتور جڏهن به چاهي آئين ۽ قانون کي چٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته ڪجهه دليون اڃا تائين قيدي نمبر 804 لاءِ ڌڙڪي رهيون آهن، ٻٽو معيار ڪيستائين هلندو؟ معاشري جي بگاڙ جو سهرو به قيدي نمبر 804 ڏانهن وڃي ٿو، کيس جيل ۾ هر سهولت ميسر آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته آءِ پي پيز معاهدن سبب عوام تي بار وڌو پيو وڃي، واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙيندڙن کي عوان سڃاڻي ٿو، حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام کي رليف ڏي. استحڪام پاڪستان پارٽيءَ جي ترجمان چيو ته آبادگارن کي ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، ڀارتي پاڻي واري اڳرائي سان ڪيتريون وسنديون اجاڙي ڇڏيون.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
19 %
5.3kmh
73 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون