- Advertisement -
ميرپور ماٿيلو پوليس شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي نائين ڏينهن به گرفتار ڪري نه سگهي آهي، ڪيس جي جاچ ايس ايڇ او داد لغاري حوالي ڪئي وئي آهي.
ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا شهيد صحافي جي ڪيس جي جاچ ايس ايڇ او داد لغاري ذوالفقار مهر حوالي ڪندي ڪيس ۾ اڳڀرائي بابت کيس روزاني جي بنياد تي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ايس ايس پي جي حڪم بعد ميرپور ماٿيلو ٿاڻي جي عملي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڪيس جو رڪارڊ جاچ آفيسر ذوالفقار مهر حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل واقعي کي 9 ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس اڃا تائين مک قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.- Advertisement -
