تازه ترين

ميرپور ماٿيلي ويجهو ڏھه ڏينهن اڳ قتل ٿيل پورهيت عبدالحفيظ ميراڻي جي قتل جو ڪيس سندس گهرواريءَ سميت پنجن ڄڻن خلاف داخل

- Advertisement -
ميرپور ماٿيلي ويجهو ڏھه ڏينهن اڳ قتل ٿيل پورهيت عبدالحفيظ ميراڻي جي قتل جو ڪيس سندس گهرواريءَ سميت پنجن ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آھي. ڏھه ڏينهن اڳ ڳوٺ ٻانهون خشڪ جي رهواسي پورهيت عبدالحفيظ ميراڻي کي قتل ڪري لاش قاضي واھه ۾ لوڙهيو ويو هو جڏهن ته عبدالحفيظ سان سندس گهرواري ۽ ٻه معصوم نياڻيون به گڏ هيون جيڪي ھن وقت تائين گم آھن. مقتول جي امڙ دريان خاتون ميراڻي جي فرياد تي عبدالحفيظ جي گهرواري سياڻي، سندس چاهيندڙ عبدالحليم شيخ ۽ عمران شيخ سميت پنجن ڄڻن خلاف گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته عبدالحفيظ ميراڻي کي سندس گهرواري سياڻي پنهنجي چاهيندڙ رونتي واسي عبدالحليم شيخ سان گڏجي قتل ڪري لاش قاضي واھه ۾ لوڙهي ڇڏيو ھو. ڪيس جي متن موجب، سياڻي ٻن نياڻين کي ساڻ کڻي چاهيندڙ عبدالحليم شيخ سان فرار ٿي وئي آھي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
12 %
2.9kmh
93 %
اڱارو
26 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون