ميهڙ ويجهو ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي.
ڳوٺ باگو جلباڻي واسي گهران نڪتل مومن جلباڻي جو مڇي جي تلاءَ مان لاش مليو.
اطلاع ملڻ بعد بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو.
نوجوان جي وارثن الزام ھڻندي چيو ته مومن جلباڻي جو پنھنجي سئوٽن سان معمولي ڳالھه تان تڪرار ٿيو ھو جنهن تان کيس قتل ڪيو ويو آهي.
بي سيڪشن پوليس ٻڌايو ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ملوث جوبدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي قاتلن کي هرگز معاف نه ڪيو ويندو.