نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار برطانيه جي سرڪاري دوري تي لنڊن پهچي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هيٿرو ايئرپورٽ تي برطانوي عملدارن ڊپٽي وزيراعظم جي آجيان ڪئي، ان موقعي تي برطانيه ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل به موجود هو.
اسحاق ڊار برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري ڊيود ليميَِ سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ملاقات دوران نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ٻه طرف لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ بهتر شراڪتداري جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو.
ياد رهي ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار برطانيه جي دوري دوران برطانوي هم منصب، پرڏيهي وزير ۽ سيڪريٽري جنرل دولت مشترڪه پيتريشيا اسڪاٽ لينڊ سان به ملاقاتون ڪندو، ان کان علاوه نائب وزيراعظم پارليامينٽ ميمبرن ۽ برٽش پاڪستانين سان به ملندو.