- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ۾ تاحيات نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي، سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نااهلي تاحيات هوندي ڪٿي لکيل آهي، اسلام ۾ توبهه جو رستو موجود آهي،
چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ شرط لاڳو ڪيا ويا آهن، اليڪشن ڪميشن قانون تحت اختيار استعمال ڪندي آهي، آئيني عدالت ۽ سول ڪورٽ ۾ فرق کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي،
جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن تاحيات نااهل ڪري سگهي ٿي ته اختيار سپريم ڪورٽ وٽ به هوندو،
بجلي جي بقايا ۽ قرض ۾ باقيداري تي نااهلي ٿي سگهي ٿي، سپريم ڪورٽ ۾ ويٺل پنجن ججن جي ڏاهپ پارليامينٽ ميمبرن کان وڌيڪ ڪيئن ٿي سگهي ٿي،
آمرن صادق ۽ امين وارو شرط پنهنجي لاءِ ڇو نه رکيو آهي؟ غير مسلم به صادق ۽ امين ٿي سگهن ٿا.- Advertisement -
