ننگرپارڪر ۾ ناياب نسل جي ھرڻن جو شڪار بند نھ ٿي سگھيو آھي.
ڳوٺ تجمال جي ويري ۾ شڪارين پاران لڳايل ڪوڙڪي ۾ ناياب نسل جو ھرڻ ڦاسي زخمي ٿي پيو.
ڳوٺاڻن ھرڻ کي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل ڏسڻ بعد پنھنجي مدد پاڻ ڇڏائي ورتو.
علائقي واسين جو چوڻ آھي تھ شڪاري مقامي آھن، اڳ بھ مٿن ڪيس داخل ٿيل آھن پر ڪارروائي نھ ٿي ڪئي وڃي .
ھنن چيو تھ شڪارين خلاف ڪارروائي ڪري ناياب نسل جي ھرڻن جي نسل ڪشي بند ڪئي وڃي .