تازه ترين

31 آڪٽوبر تائين ملڪ ڇڏڻ جو الٽيميٽم رڳو افغانين نه پر سمورن غيرقانوني پرڏيهين لاءِ  آهي: نگران وفاقي گهرو وزير

- Advertisement -
نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته 31 آڪٽوبر تائين ملڪ ڇڏڻ جو الٽيميٽم رڳو افغانين نه پر سمورن غيرقانوني پرڏيهين لاءِ  آهي. سينيٽ جي گهرو معاملن بابت ڪميٽيءَ جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي سرفراز بگٽي چيو ته هو  غير  قانوني پرڏيهين بابت ڳالهه ڪئي هئي، پر ان جو غلط پيغام ويو. هن چيو ته هنن غيرقانوني طور پاڪستان ۾ موجود پرڏيهين کي ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي، پر ائين پيغام ويو ته هو رڳو افغان شهرين کي ڪڍي رهيا آهن. سرفراز بگٽيءَ چيو ته حڪومت جو پيغام رڳو افغان شهرين لاءِ ناهي، سمورا غيرقانوني پرڏيهي 31 آڪٽوبر تائين ملڪ ڇڏي وڃن. نگران گهرو وزير چيو ته جنهن وٽ ريفيوجي ڪارڊ يا ويزا آهي ته اهو سندن مهمان آهي، حڪومت ايران کان آيال بلوچن کي به ڪڍي رهي آهي. سرفراز بگٽيءَ چيو ته تاثر ڏنو پيو وڃي ته اهو نسلي معاملو آهي، پر اهو نسلي معاملو ناهي، هو سمورن غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي ڪڍڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
9 %
7.6kmh
67 %
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون