تازه ترين
سنڌ سرڪار پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾نئين جديدطريقي سان اصلاحات آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي افغان پناهگيرن کي گند کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جو عمل غير قانوني آهي:سعيد غني آئيني ترميمون دليري سان پيش ڪندا، مخالف ڌر کي گهٻرائڻو ناهي:اعظم نذير تارڙ ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ ميزبان چين سنسني خير مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ل... آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز ميثاق جمهوريت ۾ موجود آهي:خواجه آصف سياسي رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ باوجود آئيني ترميمون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي مسلم ليگ نون جي سينيٽر ع... سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪر... هي ڪهڙي قسم جون ترميمون آهن، جيڪي ڪابينا، وزيرن، اتحادين ۽ مخالف ڌر کان به لڪايون پيون وڃن:حافظ حمد ... ننگرپارڪر ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڪارونجهر جبل جي امڪاني نيلامي خلاف ڌرتي ڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي نڪري آي...

نوابشاهه : ايس ٽي پي اڳواڻ جي ڀاءُ کي هاف فراءِ ڪرڻ خلاف شٽر بند هڙتال

نوابشاهه جي مختلف شهرن ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ جي نثار ڪيريو جي ڀاءُ کي هاف فراءِ ڪرڻ خلاف شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ جي ڀاءُ  سلمان ڪيريو کي پوليس پاران هاف فراءِ ڪرڻ خلاف شٽر بند هڙتا ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

نوابشاهه ۾ پوليس ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن وچ ۾ چڪرين دوران  لٺبازي سبب ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا.

قاضي احمد ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سڪرنڊ ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ جي ڀاءُ کي پوليس پاران هاف فراءِ ڪرڻ خلاف مڪمل طور شٽربند هڙتال  ڪير احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

دوڙ ۾ به سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪري ڪارڪنن طرفان ظفر بروهي، علي بخش لغاري، امداد ڏاهري، امين چانڊيو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ٻانڌي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ جي ڀاءُ سلمان ڪيريو کي هاف فراءِ ڪرڻ خلاف مڪمل طور شٽر بند هڙتا ڪئي وئي .

نواب ولي محمد ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ جي ڀاءُ کي هاف فراءِ ڪرڻ خلاف ڪارڪنن طرفان زاهد چانڊيو، امين ڪليار، خادم حسين سنگراهه، علي بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شٽر بند هڙتال ڪئي وئي.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پر امن احتجاج تي لٺبازي ڪري بدترين تشدد ڪيو ويو آهي، پوليس اسان جي 25 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي.

مظاهرين  چيو ته ، پوليس بنا جواز ايس  ٽي پي اڳواڻ  جي ڀاءُ کي هاف فراءِ ڪيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ايس ٽي پي اڳواڻ نثار ڪيريو جي ڀاءُ کي هاف فراءِ ڪندڙ پوليس اهلڪارن  خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
58 %
3.2kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون