تازه ترين

نوابشاهه: صدر آصف زرداري ۽ حڪومتي وفد وچ ۾ ملاقات

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ حڪومتي وفد وچ ۾ ملاقات دوران پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ۾ سياسي ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. حڪومتي وفد نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ صدر آصف علي زرداري سان نوابشاهه ۾ ملاقات ڪئي، اسپيڪر اياز صادق ۽ محسن نقوي به وفد ۾ شامل هئا. ذريعن موجب ملاقات دوران پ پ ۽ ن ليگ ۾ هلندڙ سياسي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون، حڪومتي وفد صدر کي وزيراعظم جو خاص پيغام به پهچايو. ملاقات دوران پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن موجب ملاقات ۾ ملڪ جي سڪيورٽي ۽ مجموعي سياسي صورتحال جو پڻ جائزو ورتو ويو، جڏهن ته علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار صدر مملڪت آصف علي زرداري کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي تازي اجلاس بابت آگاهي ڏني. اسحاق ڊار عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن ۽ اهم علائقائي معاملن تي صدر کي بريفنگ ڏني………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
24 %
3.3kmh
1 %
آچر
27 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون