ڳوٺاڻن شمن پنهور، غلام عباس ڀنڊ، عبدالستار چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڀٽا ۽ ڏاهري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن ۾ ڏاهري برادري جو نوجوان قتل ٿي پيو هو.
اڳواڻن چيوته نوجوان جي قتل جي ايف آءِ آر ۾ اسماعيل ڏاهري، علي رضا ڏاهري ۽ سليمان ڏاهري جا نالا به شامل ڪيا ويا آهن، جيڪا سراسر ناجائزي آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي اسماعيل ڏاهري، علي رضا ڏاهري ۽ اسماعيل ڏاهري خلاف داخل ڪيس ختم ڪيو وڃي……….