تازه ترين

نوازشريف جا هٿ پير ٻڌڻ کانسواءِ ميدان ۾ لاهيو، سڀني کي خبر پئجي ويندي: جاويد لطيف

- Advertisement -
ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته نوازشريف جا هٿ پير ٻڌڻ کانسواءِ ميدان ۾ لاهيو، سڀني کي خبر پئجي ويندي، اهڙو تاثر پيدا ڪيو پيو وڃي ته ڄڻ کين انصاف نه پر فيور ملي رهي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته جڏهن کين انصاف ملي ٿو ته لاڏلو چيو پيو وڃي، جاويد هاشميءَ اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته نوازشريف کي عدليا ذريعي ڪڍيو ويندو. هن چيو ته عوام 21 آڪٽوبر تي ثابت ڪري ڇڏيو ته ملڪ جو مستقبل نوازشريف سان واڳيل آهي، پاڪستان خراب ڪندڙن ۽ ٺاهيندڙن کي هڪ لٺ سان هلائي نه ٿو سگهجي. جاويد لطيف  چيو ته هو پنهنجو نه پر قانون ۽ آئين جو احترام چاهن ٿا، نوازشريف کي ملڪ کي باوقار رياست طور اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿو. ن ليگ اڳواڻ چيو ته ادارن کي گذارش آهي ته پاڪستان تي رحم ڪريو، ووٽ کي عزت ڏيو، جيترو جلد ٿي سگهي اليڪشن ڪرائي وڃي، قبولي تي سودي بازي نه ڪئي وڃي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
14 %
7.7kmh
38 %
ڇنڇر
31 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °

تازه ترين خبرون