- Advertisement -
اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي جي محبت ديري ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ به ضمانت منظور ٿي وئي آهي، سندس وڪيل عبدالله ڪورائي جو چوڻ آهي ته غلام مرتضيٰ جتوئي جي سمورن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ٿي وئي آهي.
جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف محبت ديرو ٿاڻي تي داخل ڪيس جي سيشن ڪورٽ نوشهروفيروز ۾ ٻڌڻي ٿي.
غلام مرتضيٰ جتوئي جي وڪيل عبدالله ڪورائي جو چوڻ آهي ته عدالت جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي جي 15 هزار جي ضمانتي ڪاغذن عيوض ضمانت منظور ڪئي آهي.
هن چيو ته غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف اهو آخري ڪيس هو جنهن ۾ ضمانت منظور ٿي آھي، هن ڪيس مان ڪچي ضمانت ٿيل هئي ته کيس گرفتار ڪيو ويو.
وڪيل عبدالله ڪورائي چيو ته غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف داخل سمورن ڪيسن ۾ ضمانت ٿي وئي آھي، هائيڪورٽ وارا آرڊر اڳواٽ ئي جيل انتظاميا وٽ پهتل آھن.- Advertisement -
