تازه ترين

نيشنل وومينزٽي ٽوئنٽي 2025: ڪرڪيٽ جون راڻيون مقابلي لاءِ تيار

نيشنل وومينز ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ سڀاڻي ( 7 مئي 2025 ) کان ڪراچي ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ پنج ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن
سڀئي ميچون نيشنل اسٽيڊيم ۽ هاءِ پرفارمنس سينٽر اوول گرائونڊ تي کيڏيون وينديون.
ٽورنامينٽ جي پهرئين ڏينهن 2 ميچون ٿينديون، اسٽارز جو مقابلو اسٽرائيڪرز سان نيشنل اسٽيڊئم ۾ٿيندو، جڏهن ته اوول گرائونڊ تي ڪانڪررز ۽ انونزيبلز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.
شرڪت ڪندڙ ٽيمن ۾ چيلينجرز، ڪانڪررز، انونزيبلز، اسٽارز ۽ اسٽرائيڪرز جون ٽيمون شامل آهن. ٽورنامينٽ ڊبل ليگ فارميٽ تي ٻڌل هوندي، جنهن تحت هر ٽيم 8 ميچون کيڏندي، مجموعي طور ايونٽ ۾ 22 ميچون ٿينديون.
پوائنٽس ٽيبل تي ٻئين ۽ ٽئين نمبر تي ايندڙ ٽيمن وچ ۾ 22 مئي تي ڪواليفائر کيڏيو ويندو، جنهن جي فاتح ٽيم 24 مئي تي پهرئين نمبر تي آيل ٽيم سان نيشنل اسٽيڊئم ۾ فائنل ميچ کيڏندي.
ٽورنامينٽ ۾ مجموعي طور 80 رانديگرياڻيون حصو وٺنديون، انعامي رقم 30 لک رپين کان وڌيڪ آهي. فاتح ٽيم کي 15 لک رپيا ۽ رنر اپ ٽيم کي 10 لک رپيا انعام طور ڏنا ويندا.
پنج قومي ٽيم جون رانديگرياڻيون، جيڪي تازو ٿيل آءِ سي سي ويمنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر 2025 ۾ پاڪستان جي فاتح اسڪواڊ جو حصو رهيون، هن ٽورنامنٽ ۾ پنهنجي پنهنجي ٽيمن جي قيادت ڪري رهيون آهن. انهن ۾ فاطمه ثنا ڪانڪررز ٽيم جي ڪپتان، گل فيروزه اسٽرائيڪرز جي ، منيبہ علي انونسيبلز جي، سدره امين اسٽارز ۽ رامين شميم چيلنجرز ٽيم جي قيادت ڪندي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون