تازه ترين

پاڪستان دفاع ۾ جوابي ڪارروائي ڪئي، ڀارتي حملو بي بنا جواز هو:پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ

- Advertisement -
آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ چيو آهي ته پاڪستان دفاع ۾ جوابي ڪارروائي ڪئي، ڀارتي حملو بي بنا جواز هو. آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ آمريڪي نشرياتي اداري فاڪس نيوز ۽ پي بي ايس کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پهلگام واقعي کان پوءِ ڀارت بغير ڪنهن ثبوت جي جارحاڻي ڪارروائي ڪئي، جيڪا عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته ڀارت جو رويو لاقانونيت جي عڪاسي ڪري ٿو، جڏهن ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 جي تحت مضبوط دفاعي قدم کنيا. هن چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي پر وقار سان امن چاهي ٿا ۽ جوابي ڪارروائي جو حق پنهنجي مرضي ۽ وقت تي رکندو آهي. هن عالمي برادري کان ڄمون ۽ ڪشمير جي ڊگھي عرصي کان هلندڙ مسئلي تي ڌيان ڏيڻ ۽ ڪشمر مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
10 %
3.1kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون