سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد پيرن جي حويلي ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس ۾ نامزد جوابدار فياض شاهه جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد پيرن جي حويلي ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران عدالت فاطما ڦرڙو ڪيس ۾ نامزد جوابدار فياض شاهه جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
عدالت 50 هزار جي ضمانتي ڪاغذن ضمانت منظور ڪئي.
جوابدار فياض شاهه گرفتار جوابدار اسد شاهه جو سهرو آهي.
عدالت ڪيس ۾ نامزد حنا شاهه جي درخواست تي فيصلو 26 سيپٽمبر تائين محفوظ ڪري ورتو.
جوابدار حنا شاهه سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر مان ستن ڏينهن جي عبوري ضمانت حاصل ڪري چڪي آهي.
فاطما ڦرڙو ڪيس ۾ جوابدار پير اسد شاهه ۽ امتياز پوليس جي تحويل ۾ آهن…….


