ٽنڊي باگي جو قديمي ڳوٺ حسين اوٺي برساتن بعد پاڻي جي ھيٺ اچي ويو

spot_img
- Advertisement -

ٽنڊي باگي جو قديمي ڳوٺ حسين اوٺي برساتن بعد پاڻي جي ھيٺ اچي ويو  آهي .

ڳوٺ جو لنڪ روڊ پاڻي هيٺ اچڻ سبب رهواسين جو شهر سان رابطو ڪٽجي ويو آهي.

رهواسين عورتن  ۽ ٻارڙن سان گڏجي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف مظاھرو  ڪري ڌرڻو هنيو .

ڳوٺاڻن مريد اوٺي، اسماعيل اوٺي، محمد بخش، نمرو اوٺي، حيات اوٺي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن چيو ته هڪ سئو کان وڌيڪ گھر برساتي جي پاڻي جي گھيري ھيٺ آهن، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري هو مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته بااثر زميدارن ڳوٺ جي نيڪال واري ڇنڊڻ ۽ لنڪ روڊ  بند ڪري ڇڏيو آھي، نوٽيس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9 ° C
9 °
9 °
27%
2m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون