تازه ترين

نڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان پاڻي وسيلن بابت وفاقي وزير محمد معين وٽو جي ملاقات

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان پاڻي وسيلن بابت وفاقي وزير محمد معين وٽو ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو، واپڊا چيئرمين، ڪي فور پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ملاقات دوران ڪي فور پراجيڪٽ بابت ڳالهيون ڪيون ويون. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار ڪي فور پراجيڪٽ لاءِ پنهنجي حصي جا هڪ ڏهائي 2 بلين رپيا جاري ڪري رهي آهي، ڪراچي شهر کي ڪي فور منصوبي مان 260 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو ويندو. وفاقي وزير محمد معين وٽو، وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي چيو ته هن ناصر شاهه سان گڏ ڪي فور پراجيڪٽ جو دورو ڪيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته ڪي فور پراجيڪٽ تي 86 بلين خرچ ٿي چڪو آهي، ڪي فور منصوبي لاءِ 78 بلين رپين جي ضرورت آهي جيڪي وفاقي حڪومت فراهم ڪري. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪي فور منصوبي جي واڌ جو ڪم ڪري رهي آهي، منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار فنڊ فراهم ڪري. پاڻي وسيلن بابت وفاقي وزير چيو ته هو وزيراعظم سان ڳالهائي وڌيڪ فنڊ فراهم ڪندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته حب ڊيم مان 100 ايم ڊي جي پاڻي ڪراچي کي ملي رهيو آهي، سنڌ سرڪار حب ڊيم جي پراڻي چينل جي مرمت ڪرائي آهي، سنڌ حڪومت 100 ايم ڊي جي جو نئون حب چينل به ٺاهيو آهي. مراد علي شاهه پاڻي وسيلن بابت وفاقي وزير کي اپيل ڪئي ته ڪراچي شهر کي وڌيڪ 100 ايم ڊي جي پاڻي ڏنو وڃي. وڏي وزير ۽ وفاقي وزير واپڊا ۽ آبپاشي ماهرن جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعليٰ جي ترجمان موجب، ڪميٽي پاڻي جي دستيابي بابت رپورٽ تيار ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته حب مان سنڌ جي پاڻي جو حصو 100 مان وڌائي 200 ايم ڊي جي ڪرڻ لاءِ سي سي آءِ ۾ ڪيس آڻيندا. مراد علي شاهه، محمد معين وٽو سان آر بي او ڊي مڪمل ڪرڻ بابت به ڳالهيون ڪيون. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار برساتن سبب هڪ بلين رپيا خرچ ڪري چڪي آهي. مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير آر بي او ڊي بابت ڪميٽي جوڙي ڇڏي. ڪميٽي آر بي او ڊي جي ٽيڪنيڪل مسئلن جو جائزو وٺي ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڻي جي ورهاست معاهدي تحت ٿيڻ گهرجي، سنڌ سرڪار اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي دور ۾ پاڻي جي ورهاست جو ڪيس ٺاهيو هو، اڳوڻي وزيراعظم ۽ اٽارني جنرل جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي جوڙي وئي هئي. مراد علي شاهه چيو ته اٽارني جنرل رپورٽ پيش ڪئي اها سي سي آءِ ۾ منظور ٿيڻي هئي پر رولڙي جو شڪار ٿي وئي. سنڌ جي وڏي وزير، وفاقي وزير کي درخواست ڪئي ته سنڌ ۽ پنجاب جي آبپاشي آفيسرن سان اوهان پاڻ ملاقات ڪريو، ٻنهي صوبن وچ ۾ پاڻي ورهاست جو مسئلو حل ڪرايو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
4 %
7.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون