نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿي رهيو آهي جنهن ۾ معاشي، سياسي ۽ امن امان جي صورتحال سميت 14 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو.
نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو اجلاس ۾ غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين جي وطن واپسي جي حڪمن جي منظوري ايجنڊا ۾ شامل آهي.
ڪابينا اجلاس ۾ حج پاليسي 2024ع، عمرو ۽ حج ريگوليشن بل 2023ع منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
گم ٿيل ماڻهن بابت انڪوائري ڪميشن جي مدي ۾ واڌ ايجنڊا جو حصو آهي جڏهن ته ڪابينا مان ايف آءِ اي ۽ انساني سمگلنگ ٽوڙ پوليس اسٽيشنز قائم ڪرڻ ۽ انهن کي رولز ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري به ورتي ويندي.
ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ واپار، شيون ٻاهر موڪلڻ ۽ گهرائڻ ۾ اضافي بابت معاهدي جي منظوري به ورتي ويندي جڏهن ته ايل اين جي ۽ ايل پي جي خريداري ۽ ڪارگو بابت پيپرا رولز ۾ نرمي جي منظوري به ايجنڊا جو حصو آهي……