نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو

- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿي رهيو آهي جنهن ۾ معاشي، سياسي ۽ امن امان جي صورتحال سميت 14 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو اجلاس ۾ غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين جي وطن واپسي جي حڪمن جي منظوري ايجنڊا ۾ شامل آهي. ڪابينا اجلاس ۾ حج پاليسي 2024ع، عمرو ۽ حج ريگوليشن بل 2023ع منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. گم ٿيل ماڻهن بابت انڪوائري ڪميشن جي مدي ۾ واڌ ايجنڊا جو حصو آهي جڏهن ته ڪابينا مان ايف آءِ اي ۽ انساني سمگلنگ ٽوڙ پوليس اسٽيشنز قائم ڪرڻ ۽ انهن کي رولز ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري به ورتي ويندي. ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ واپار، شيون ٻاهر موڪلڻ ۽ گهرائڻ ۾ اضافي بابت معاهدي جي منظوري به ورتي ويندي جڏهن ته ايل اين جي ۽ ايل پي جي خريداري ۽ ڪارگو بابت پيپرا رولز ۾ نرمي جي منظوري به ايجنڊا جو حصو آهي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
40%
4.8m/s
13%
خميس
33 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون