- Advertisement -
ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته اسرائيل ريڊ لائن پار ڪري کين سخت ايڪشن کڻڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي.
عرب ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو ته غزه ۾ اسرائيلي هوائي فوج جي ڪارروائي حماس جي طوفان اقصيٰ آپريشن کي شڪست ڏيڻ ۾ ناڪامي آهي.
هن چيو ته آمريڪا کين غزه ۾ ڪجهه نه ڪرڻ جو چيو آهي، پر پاڻ اسرائيل جي وحشياڻي بمباري ۽ حملن جي حمايت جاري رکيون پيو اچي.
ايراني صدر جو چوڻ هو ته اسرائيل غزه تي فضائي حملا ڪيا پر آمريڪا ۽ ڪجهه يورپي ملڪن جي مالي ۽ فوجي مدد باوجود انهن قابضين کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿيڻو پئجي ويو جيڪا فلسطيني قوم جي وڏي فتح آهي.
صدر ابراهيم رئيسي ان عزم کي ورجائيندي چيو ته ايران فلسطيني مزاحمت جي حمايت جاري رکندو ۽ آمريڪي سميت سمورن ملڪن مان اميد ٿو رکي ته اهي به مظلوم فلسطينن جي مدد ڪندا.
ايراني صدر چيو ته اسرائيلي فوج کي غزه ۾ داخل ڪري سموريون حدون اورانگهي ڇڏيون، هاڻي سندن جواب جو اسرائيل انتظار ڪري.- Advertisement -
