تازه ترين

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري آهي.

بجلي اگهن ۽ بجلي جي بلن بابت مختلف آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي.

پاور ڊويزن طرفان مفت بجلي جي يونٽس جي فراهمي ۽ مونيٽائزيشن تي نگران وزيراعظم کي بريفنگ ڏني پئي وڃي.

نگران وزيراعظم کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو پيو وڃي ته گريڊ 17 کان 21 جا 15 هزار 971 ملازم مهيني تي 70 لک يونٽ مفت بجلي استعمال ڪندا آهن، گريڊ هڪ کان 16 تائين جا ملازم 33 ڪروڙ يونٽ هر مهيني مفت بجلي استعمال ڪن ٿا. هڪ لک 73 هزار 2 سئو سرڪاري ملازم ساليانو 10 ارب جي مفت بجلي استعمال ڪندا آهن. پاور ڊويزن جو چوڻ هو ته گريڊ 17 کان 21 تائين ملازمن جي مفت بجلي ختم ڪرڻ سان مهيني تي 19 ڪروڙ رپيا بچت ٿيندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
16.9 ° C
16.9 °
16.9 °
28 %
2.5kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
20 °
آچر
18 °
سُومر
18 °
اڱارو
22 °

تازه ترين خبرون