تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران ستلج درياهه جي حفاظتي بند ۾ گهارو پوڻ جي رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ستلج درياهه جي حفاظتي بند ۾ گهارو پوڻ جي رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ۽ مطالبو ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن مان عوام کي محفوظ هنڌن تي منتقلي کي يقيني بڻايو وڃي.

ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان موجب، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ جي تباهه ڪارين  تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪومت جنگي بنيادن تي مضبوط قدمن کي يقيني بڻائي.

سندس چوڻ هو ته بهاولپور ۽ احمد پور شرقيه جهڙي آبادين کي ٻوڏ جي تباهه ڪارين کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪندي چيو ته جيالا ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ انتظاميا جا ٻانهن ٻيلي ٿين، پ پ ستلج درياهه جي ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي.

هن چيو ته حڪومت ستلج درياهه جي ٻوڏ متاثرن لاءِ خاص پيڪيج جو اعلان ڪري، حڪومت ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ سروي ڪرائي.

پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي ايندڙ عام چونڊون کٽڻ بعد ستلج درياهه جي ٻوڏ متاثرن جو به اهڙي طرح ساٿ ڏيندي جهڙي طرح سنڌ ۾ برسات متاثرن جو ڏنو آهي، پ پ ستلج درياهه جي متاثرن کي گهر ٺاهي ۽ زراعت جي بحالي لاءِ خاص قدم کڻندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
21 %
3.9kmh
5 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون