تازه ترين

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي ڪابينا لاءِ صلاح مشورا مڪمل ڪري ورتا

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي ڪابينا لاءِ صلاح مشورا مڪمل ڪري ورتا

ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران ڪابينا لاءِ نالا فائنل ڪيا ويا آهن جڏهن ته اڄ ئي نگران ڪابينا جو اعلان ٿي سگهي ٿو.

ذريعن موجب، نگران ڪابينا کي اڄ قطعي شڪل ڏني ويندي سڀاڻي ميمبرن جي قسم کڻڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته دفاعي تجزئي نگار ڊاڪٽر سيد محمد علي کي سڌسماءَ واري وزارت ڏيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، سرفراز بگٽي کي گهرو وزير ۽ سيد جليل عباس جيلاني کي پرڏيهي وزير بڻائي سگهجي ٿو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد علي دراني کي نگران ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ بابت غور نه ٿي رهيو آهي. ذريعن موجب، نگران ناڻي واري وزير لاءِ حفيظ شيخ ۽ اسحاق ڊار جي نالن تي نه پر ڪجهه ٻين نالن تي غور ٿي رهيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
44 %
2kmh
9 %
ڇنڇر
23 °
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون