تازه ترين

نگران وزيراعظم بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي جي هدايت ڪري ڇڏي

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي جي هدايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته تڪڙ ۾ اهڙو قدم نه کنيو وڃي جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿئي، اهڙو قدم کنيو وڃي جنهن سان قومي خزاني تي اضافي بار نه پوي ۽ صارفين کي سهولت به ملي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ بجلي جي بلن ۾ اضافي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير شمشاد اختر، گوهر اعجاز، مرتضيٰ سولنگي، سيڪريٽري پاور ڊويزن، واپڊا، نيپرا چيئرمين ۽ ٻين ادارن جي اختيارين شرڪت ڪئي.

نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ بجلي جي ڳرن بلن ۽ عوام کي رليف ڏيڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا.

 توانائي واري وزارت جي اختيارين نگران وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بجلي جي اگهن بابت فيصلو نيپرا ڪندي آهي، ڪنزيو مر پرائس انڊيڪس تحت بجلي قيمتن ۾ ڦيرڦار ٿيندو آهي.

بريفنگ ۾ چيو ويو ته ڪائبور ۽ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ سبب بجلي جي اگهن تي فرق پوندو آهي.

نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻاهران گهرايل ڪوئلي جي قيمت به 51 هزار کان 61 هزار رپيه في ميٽرڪ ٽن رهي،  ايندڙ سال ٻه ٽريلين رپين جون صرف ڪيپسٽي پي منٽس جي مد ۾ ادائگيون ڪرڻيون آهن.

توانائي واري وزارت موجب بجلي جي اگهن ۾ اضافي جو وڏو فرق رڳو  400 يونٽ کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙن تي لاڳو ٿيو آهي، 63 ڏهائي 5 سيڪڙو واهپيدارن لاءِ بجلي جي اگهن ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويو.

نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 31 ڏهائي 6 سيڪڙو واهپيدارن لاءِ  ٽيرف ۾ 7رپيا 5 پيسا في يونٽ اضافو ٿيو، صرف 4 ڏهائي 9 سيڪڙو ڊوميسٽڪ صارفين لاءِ ٽيرف ۾ 7رپيا 5 پيسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو ۽ ٻي ڪيٽيگريز ۾ ايندڙ صارفين لاءِ 7 رپيا 5 پيسا في يونٽ اضافو ٿيو آهي.

توانائي واري وزارت موجب جولاءِ 2022 ۾ وڌ کان وڌ بجلي جو ٽيرف 31 رپيا 2 پيسا يونٽ هو، آگسٽ 2023 ۾ 33 رپيا 89 پيسا في يونٽ بجلي جي قيمت آهي.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي.

هن چيو ته تڪڙ ۾ ڪو به اهڙو قدم نه کنيو وڃي جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿئي، اهڙا قدم کنيا وڃن جن سان قومي خزاني تي اضافي بار نه پوي.

انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته اهو ممڪن ناهي ته عام ماڻهو مشڪل ۾ هجي ۽ آفيسر شاهي ۽ وزيراعظم انهن جي ٽيڪس تي مفت بجلي استعمال ڪري، لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا مفت بجلي حاصل ڪندڙ آفيسرن ۽ ادارن جا مڪمل تفصيل فراهم ڪن، هو عام ماڻهو جي نمائندگي ڪري ٿو، وزيراعظم هائوس ۽ پاڪ سيڪريٽريٽ ۾ بجلي جو خرچ گهٽايو وڃي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته جيڪڏهن سندس ڪمري جي بجلي بند ڪرڻي پوي ته ڪئي وڃي، بجلي بچت جي قدمن ۽ جولاءِ جي واڌو بلن جي مسئلي تي  صوبن سان صلاح مشورا سڀاڻي ڪيا ويندا. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته بجلي تقسيم ڪندڙ ڪمپنيون بجلي چوري روڪٿام بابت روڊ ميپ پيش ڪن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
6.2kmh
38 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون