نگران وزيراعظم سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، نگران وفاقي وزيرن ۽ ٻين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بهتر ماحول فراهمي تي غور ويچار ڪيو ويو.
نگران وزيراعظم پاران سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف منصوبن جي منظوري ڏني وئي.
نگران وزيراعظم چيو ته معاشي بحالي جي منصوبي تي عمل يقيني بڻائڻو آهي.