ٺاروشاھه ۾ ڳوٺاڻن ٿاڻي آڏو حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
ڳوٺ ٻڌل سولنگي جي رهواسين نديم سولنگي، گلزار، مور سولنگي ۽ ٻين ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو.
احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن چيو ته بااثرن سان پاڻي جي واري تان تڪرار هلندڙ آھي، هو نوشھروفيروز جي عدالت مان حاضري تان واپس اچي رهئا هئا ته ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هنن چيو ته بااثر راشد سولنگي، حميد ۽ اقبال سولنگي جي پوليس ونگارو بڻيل آهي، حملي جو ڪيس داخل نه پيو ڪيو وڃي. احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته بااثرن ۽ ايس ايڇ او جمشيد راجپوت تي ڪيس داخل ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.


