نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر صنعتي يونٽن جي رجسٽريشن نه ٿيڻ تي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ڏنو آهي.
وڏي وزير جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر صنعتي يونٽن جي رجسٽريشن نه ٿيڻ تي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ڏنو.
ترجمان چيو ته پورهئي کاتي خلاف اها انڪوائري سيڪريٽري ليبر ۽ ناڻي وارو سيڪريٽري ڪندو.
نگران وڏي وزير هدايت ڪئي ته گلشن معمار ۾ پورهيتن جي فليٽن جي فوري طور مرمت ڪرائي وڃي.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ورڪرز ويلفيئر بورڊ کان 13 آڪٽوبر تائين ڪم جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي هئي، رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته گلشن معمار ۾ 32 فليٽن جا بلاڪ آهن، جن مان پندرهن ٺيڪ ڪيا ويا آهن، رهيل سترهن بلاڪ جان 520 فليٽ نومبر تائين ٺيڪ ڪيا ويندا.
نگران وڏي وزير چيو ته سمورا بلاڪ مڪمل ڪري کيس رپورٽ ڏني وڃي.
نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جو اجلاس پڻ ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر کي ٻڌايو ويو ته صفائي جو هدف سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ ڏانهن هليو ويو آهي، هاڻي ڪم نه ڪندڙ ٻارهن سئو سوئيپرن کي ڊي ايم سيز مان فارغ ڪيو ويو آهي.
نگران وڏي وزير سمورين پراڻين عمارتن جي مرمت ۽ بحالي جي هدايت ڪئي.
وڏي وزير جي ترجمان موجب ڪي ايم سي پراڻي عمارتن ۾ رهندڙن کي نوٽيس جاري ڪندي.