جي يو آءِ ف جي اڳواڻ حافظ حمد الله چيو آهي ته هي ڪهڙي قسم جون ترميمون آهن، جيڪي ڪابينا، وزيرن، اتحادين ۽ مخالف ڌر کان به لڪايون پيون وڃن، جڏهن ته حڪومت مولانا فضل الرحمان جي ها ۽ نه تي بيٺل آهي.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي حافظ حمد الله چيو ته اها قانون سازي ٿيڻ گهرجي جيڪا ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ هجي.
سندس چوڻ هو ته آئيني ترميمون ڪهڙيون آهن؟، جيڪڏهن اهي آئيني ترميمون ملڪي مفاد ۾ ڪيون پيون وڃن ته لڪايون ڇو پيون وڃن؟، هي ڪهڙي قسم جون ترميمون آهن، جيڪي ڪابينا، وزيرن، اتحادين ۽ مخالف ڌر کان به لڪايون پيون وڃن.
جي يو آءِ ف جي اڳواڻ حافظ حمد الله چيو ته حڪومت مولانا فضل الرحمان جي ها ۽ نه تي بيٺل آهي، هو پڇا ڪن ٿا ته ترميمون عدليا جي آزادي لاءِ آهن يا عدليا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ آهن؟، هو انتظار ڪري رهيا آهن پر اڃا تائين مسودو ناهي ڏيکاريو ويو، جيڪڏهن حڪومت مسودو شيئر ڪندي ته هو جواب ڏيندا.