پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ بهتر پاڪستان جي تعمير ۾ معذور ماڻهن جي ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي.
معذورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي معذورن سميت پٺتي پيل طبقن جي حقن جي تحفظ لاءِ هميشه اڳيان رهي آهي.
هن چيو ته روزگار ۾ ڪوٽا کان تعليمي پاليسين تي عملدرآمد تائين هنن هميشه معذورن کي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏنو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن معذور ماڻهن کي سماج ۾ برابري جي بنياد تي شامل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي.
معذور ماڻهن کي برابري جا موقعا ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ نه رڳو هڪ قانوني فرض آهي پر هڪ ترقي يافته سماج جو اخلاقي فرض پڻ آهي.
هڪ بهتر پاڪستان جي تعمير ۾ معذور ماڻهن جي ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي : بلاول ڀٽو زرداري
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.3
°
C
10.3
°
10.3
°
28%
0.9m/s
0%
اربع
11
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


