تازه ترين

هڪ بهتر پاڪستان جي تعمير ۾ معذور ماڻهن جي ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ بهتر پاڪستان جي تعمير ۾ معذور ماڻهن جي ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي. معذورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي معذورن سميت پٺتي پيل طبقن جي حقن جي تحفظ لاءِ هميشه اڳيان رهي آهي. هن چيو ته روزگار ۾ ڪوٽا کان تعليمي پاليسين تي عملدرآمد تائين هنن هميشه معذورن کي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏنو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن معذور ماڻهن کي سماج ۾ برابري جي بنياد تي شامل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي. معذور ماڻهن کي برابري جا موقعا ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ نه رڳو هڪ قانوني فرض آهي پر هڪ ترقي يافته سماج جو اخلاقي فرض پڻ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.9 ° C
24.9 °
24.9 °
56 %
3kmh
1 %
ڇنڇر
25 °
آچر
29 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون