تازه ترين

هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچيءَ کي دهشتگردن حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي: سعيد غني

پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچيءَ کي دهشتگردن حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، ٻن ڏينهن اندر سندن ٻن ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو آهي، ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

سعيد غني، بلديا جي علائقي عابده آباد ۾ پ پ يوسي 31 جي سينئر نائب صدر شوڪت حماد بلوچ جي جنازي نماز ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ٻن ڏينهن ۾ ڪراچي اندر سندن ٻن ڪارڪن کي شهيد ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي.

هن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ اورنگي ٽائون ۾ امجد ۽ گذريل رات بلديا ٽائون ۾ شوڪت امجد کي شهيد ڪيو ويو، پرامن سياسي ڪارڪنن تي اهڙي طرح جي حملن سان ڪيترائي سوال اٿن ٿا.

سعيد غني چيو ته جيئن ئي نگران حڪومت آئي آهي ۽ اليڪشن ٿيڻ واري آهي، اهڙي موقعي تي سياسي ڪارڪنن کي شهيد ڪرڻ ۽ انهن ۾ خوف پکيڙڻ مذمت جوڳو عمل آهي.

هن چيو ته نگران حڪومت کان مطالبو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري وائکو ڪيو وڃي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون