والاريل ڪشمير تي ڀارتي فوج جي قبضي کي 76 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.
ڪاري ڏينهن جي موقعي تي آزاد ڪشمير سميت پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ڪشميرين سان ٻڌي طور احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون پيون وڃن.
ڪاري ڏينهن جي موقعي تي اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزارت کان ڊي چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.
ريلي ۾ نگران اطلاعات واري وزير مرتضيٰ سولنگي، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
مظفرآباد جي آزادي چوڪ تي ڪشميرين ڀارت خلاف مارچ ڪيو، جڏهن ته ڪارا جهنڊا کڻي ڀارتي فوج جي قبضي خلاف نعرا هنيا ويا.
مظاهرين چيو ته ڀارت 76 سالن کان ڪشميرين جي آزادي کي طاقت جي زور تي دٻائي رهيو آهي.
هنن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج مسلسل انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، گڏيل قومن ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيارڻ جو واعدو ڪيو هو.
مظاهرين مطالبو ڪيو ته گڏيل قومن کي ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.