هنگري جي شهر بڊاپسٽ ۾ ٿيل عالمي ايٿليٽڪ چيمپئن شپ جي جـَيولن ٿرو مقابلي ۾ چانديءَ جو ميڊل حاصل ڪندڙ ارشد نديم وطن واپس پهچي ويو آهي.
لاهور ايئرپورٽ تي پنجاب حڪومت راندين بابت صلاحڪار وهاب رياض، ٻين نمائندن ۽ مداحن ارشد نديم جو شاندار استقبال ڪيو.
لاهور ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ارشد نديم چيو ته ٽورنامينٽ لاءِ تمام گھڻي محنت ڪئي هئي، قوم جي دعائن سان ميڊل کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
سندس چوڻ هو ته سپورٽ ڪرڻ تي قوم ۽ پنجاب اسپورٽس بورڊ جو ٿورائتو آهي، ايشن گيمز لاءِ ڀرپور تيار ڪندو ۽ پيرس اولمپڪس 2024 ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو.
هن چيو ته پاڪستان ۾ ايٿليٽڪ لاءِ عالمي سطح جو سهولتون ميسر ناهن، حڪومت گرائونڊ ۽ ڪوچ سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪري ته وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري سگھجن ٿيون.
واضع رهي ته عالمي ايونٽ ۾تاريخ رقم ڪندي ارشد نديم پاڪستان لاءِ پهريون ميڊل کٽڻ وارو رانديگر بڻجي ويو آهي.
ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپين شپ ۾ ميڊل کٽڻ تي حڪومت طرفان ارشد نديم لاءِ 50 لک رپين جي انعام جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي………