ڳڙهي ياسين پوليس ٻن شهيد اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ گھربل ٻن مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڳڙهي ياسين پوليس ٻن شهيد اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ گھربل ٻن مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي .

20آگسٽ 2023ع تي ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ڊکڻ ناڪي وٽ جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار موقعي تي ئي شھيد ٿي ويو هو ۽ هڪ زخمي اھلڪار لاڙڪاڻي اسپتال ۾ دم ڏنو هو .

شهيد پوليس اهلڪار داد محمد جعفري ۽ لکمير جعفري جو قتل ڪيس ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو.

ڊي ايس پي ڳڙھي عبدالواحد ٻرڙو ۽ ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين معشوق شر جي اڳواڻي ۾ پوليس جي ٽيم ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ ڪريم داد پٽ نبي داد مهر ۽ امداد ولد محرم مهر شامل آهن .

پوليس موجب، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف، هڪ بندوق ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
43%
0.4m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
27 °

تازه ترين خبرون