- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف آئيني ترميمن بابت مسلم ليگ نون جي پارلياماني پارٽي کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ نون جي پارلياماني پپارٽي جو اجلاس شام ستين وڳي وزيراعظم هائوس ۾ طلب ڪري ورتو.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف آئيني سڌارن بابت پارلياماني پارٽي کي اعتماد ۾ وٺندي ۽ اجلاس بعد ميمبرن کي آجياڻو به ڏنو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پارٽي جي پارلياماني اڳواڻن طرفان ڪيل سوالن جا جواب ڏيندو ۽ کين آئيني ترميم بابت اعتماد ۾ وٺندو.- Advertisement -
