صوبائي وزير پاران ڪرنسي نوٽ تان موهن جو دڙو جي تصوير هٽائڻ تي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر کي خط

- Advertisement -
سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار شاهه ڪرنسي نوٽ مان موهن جو دڙو جي تصوير هٽائڻ واري معاملي بابت اسٽيٽ بينڪ جي گورنر کي خط لکي اسٽيٽ بينڪ جي عمل تي خدشن جو اظهار ڪندي معاملي تي غورت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار شاهه ۾ لکيو آهي ته ڏهه رپئي جي نوٽ تي 1970ع ۾ موهن جو دڙو جي تصوير هئي، بعد ۾ 20 رپئي جي نوٽ تي موهن جو دڙو جي تصوير لڳائي وئي. خط جي متن موجب، ميڊيا رپورٽن موجب سندن علم ۾ آيو آهي ته هاڻي 20 رپئي جي نوٽ مان موهن جو دڙو جي تصوير هٽائي باب خيبر جي تصوير لڳائي وئي آهي، موهن جو دڙو رڳو تاريخي نه پر يونيسڪو طرفان ورلڊ هيريٽيج سائيٽ آهي جيڪا هڪ اعليٰ ۽ شاندار تهذيب جي سڃاڻپ آهي. سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار شاهه ۾ لکيو ته موهن جو دڙو دنيا جي قديمي شهري آبادين مان هڪ آهي، موهن جو دڙو 5 هزار سال پراڻي تاريخي تهذيب جو وارث آهي، موهن جو دڙو ڪرنسي نوٽ تي هئڻ سندن لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته نون نوٽن تي سنڌ ۽ پاڪستان جي هن شاندار ثقافت کي نظر انداز ڪرڻ درست عمل نه هوندو، کيس اميد آهي ته اوهان هن معاملي تي غور ڪندا، موهن جو دڙو جي عالمي اهميت ۽ قيمتي ورثي کي صحيح نموني تسليم ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
31%
1.6m/s
0%
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون