- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ صبح ساڍي يارهين وڳني ٿيندو جنهن ۾ 13 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو.
مڊل ايسٽ گرين منصوبي جي منظوري، ٽيرف اينڊ ٽريڊ ايگريمينٽ بابت ڪامرس واري واري وزارت جي سمري به ايجنڊا ۾ شامل آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ پي آءِ اي پائلٽن بابت بيان جي جاچ تي غور ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ ايڪس سروس مين جي لاءِ وزيراعظم معاونت پيڪيج تحت سروس ڊيوز جي ادا ڪرڻ جي سمري تي غور ڪيو ويندو.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ راڄڌاني ۾ خاص عدالتن جي قيام ۽ احتساب عدالت نمبر 3 جي ٻيهر جوڙجڪ جي سمري تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته وفاقي ڪابينا ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي چيئرمين جي مقرري جي منظوري ڏيندي.
اجلاس ۾ ڪابينا نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ اسلام آباد جي بورڊ آف گورنرز جي قيام جي منظوري ڏيندي جڏهن ته وفاقي راڄڌاني ۾ طبي تعليم لاءِ ايس اي ٽي ايس جي ڪوٽا ۾ تبديلين تي به غور ڪيو ويندو.- Advertisement -
