- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، هاءِ ويز تي ايمرجنسي ٽراما سينٽر بڻائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز پاڪستان جي 58هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته هاءِ ويز تي ٽريفڪ حادثن جو شڪار زخمي کي ترت امداد ملي وڃي ته سندس حياتي بچائي سگهجي ٿي.
هن چيو ته ان صورتحال کي نظر ۾ رهندي هاءِ ويز تي ايمرجنسي ٽراما سينٽر قائم ڪيا ويندا.
وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ته سول اسپتال ۾ ٽراما سينٽر قائم ڪيو پر سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به ان جي سخت ضرورت آهي، مانجهد ويجهو حادثي فوت ٿيل ٽن ڄڻن کي فوري امداد ڏني وڃي ها ته انهن جي جان بچائي سگهجي پئي.
سيد مراد علي شاهه، صحت واري سيڪريٽري کي ايمرجنسي سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.
وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڀرپور سيڙپڪاري ڪري رهي آهي.
تقريب ۾سي پي يس پي جي صدر پروفيسر اينڊريو، بنگلاديش ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز جي سربراهه پروفيسر شهيد الله، پروفيسر خالد مسعود ۽ ٻين شرڪت ڪئي…….- Advertisement -
