وزيراعظم شهبازشريف جي قومي اسيمبليءَ جي آمد تي مخالف ڌر طرفان هل هنگامو ڪيو ويو

spot_img
وزيراعظم شهبازشريف جي قومي اسيمبليءَ جي آمد تي مخالف ڌر طرفان هل هنگامو ڪيو ويو. اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مخالف ڌر وزيراعظم جي آمد تي سخت احتجاج شروع ڪيو، جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. مخالف ڌر ميمبرن وزيراعظم جي ايوان ۾ پهچندي ئي نه رڳو احتجاج ڪيو پر نعريبازي به ڪئي، جنهن جي جواب ۾ حڪومتي ميمبرن شينهن آيو شينهن آيو جا نعرا هنيا. اجلاس ۾ آسيه ناز مخالف ڌر جي گوڙ دوران ئي مرد ۽ عورت ووٽن وچ ۾ مسلسل فرق تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. ڌيان ڇڪايو نوتيس تي قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته اليڪشن ڪميشن ان فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ  ڪوششون ڪري رهي آهي، حڪومت مدد به ڪري پئي. هن چيو ته نادرا ۽ ٻيا ادارا به ڪم ڪري رهيا آهن، اهو صنفي فرق گهٽ ٿي ست سيڪڙو رهجي ويو  آهي. مخالف ڌر جي سخت احتجاج سبب اسپيڪر اجلاس سڀاڻي منجهند ٻي وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
26%
1.7m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
18 °

تازه ترين خبرون