حڪومت ڪنهن اداري ۾ مداخلت ناهي ڪندي، عدليا به انتظامي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪري:اعظم نذير تارڙ

spot_img
قانون وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت ڪنهن اداري ۾ مداخلت ناهي ڪندي، عدليا به انتظامي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪري. سينيٽ اجلاس ۾ دوران ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته ڊيپوٽيشن پاليسي جي گنجائش سروس رولز ۾ موجود آهي، پهريان ٽن ورهين لاءِ ڊيپوٽيشن ٿيندي آهي پوءِ ٻه سال واڌ ٿئي ٿي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ به پنهنجن فيصلن ۾ چيو ته ڊيپوٽيشن کي معمول نه بڻايو وڃي، حڪومت ڪنهن اداري جي معاملي ۾ مداخلت ناهي ڪندي عدليا به سڌيءَ ريت مداخلت کان پاسو ڪري. اعظم نذير  تارڙ چيو ته جرمن حڪومت 27 جون 2024ع کان اثرائتي قانون ۾ ٻٽي شهرين جي گنجائش فراهم ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جرمني سان ٻٽي شهريت جي منظوري ڏني، هاڻي جرمن حڪومت طرفان ايم او يو تي صحي جو انتظار آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته پارليامينٽ مان منظوري بعد اهي پاڪستاني شهري جن ماضيءَ ۾ پنهنجي پاڪستاني شهريت ڇڏي ڏني هئي، اهي ٻيهر  حاصل ڪري سگهندا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جا 22 ملڪن سان ٻٽي شهريت جي معاهدا آهن………………..

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.5 ° C
9.5 °
9.5 °
26%
2m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
16 °

تازه ترين خبرون