تازه ترين

پنجاب حڪومت طرفان ايمرجنسي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ حادثن جي صورت ۾ ائير ايمبولينس سروس استعمال ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
پنجاب حڪومت صوبي ۾ ايمرجنسي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ حادثن جي صورت ۾ ايئر ايمبولينس سروس استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مريم نواز جو چوڻ آهي ته ايئر ايمبولينس سروس ٻين صوبن ۾ ايمرجنسي مدد لاءِ فراهم ڪئي ويندي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ ايئر ايمبولينس سروس اڳڀرائي بابت جائزي وارو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مريم نواز پوليس يونيفارم پهري اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس دوران بريفنگ ۾ وزيراعليٰ کي ٻڌايو ويو ته پهرين ايئر ايمبولينس سروس لاءِ پهريان تربيتي سيشن جي شروعات ڪئي وئي آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته پنجاب ۾ ايئر ايمبولينس سروس جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، صوبي ۾ ايمرجنسي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ حادثن جي صورت ۾ ايئر ايمبولينس سروس استعمال ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته انساني جان کان وڌيڪ اهم ڪجهه ناهي، سمورا وسيلا عوام تي خرچ ڪندا. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته ايمرجنسي جي صورت ۾ ايئر ايمبولينس سروس فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته ايئر ايمبوليس سروس ٻين صوبن ۾ ايمرجنسي مدد لاءِ ڏني ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
41 %
2.9kmh
94 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون