تازه ترين
پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي: صدر آصف علي زرداري هڪ هزار مريضن جي جيري جي پيوندڪاريءَ کي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏيڻ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي: سيد مراد عل... وزيراعظم شهبازشريف، ن ليگ جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي پاڪستان کي تباهه ۽ برباد ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي: نوازشريف پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نيڪالي وارين اسڪيمن تي ڪم هلي رهيو آهي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جي هر قسم جي مدد ڪئي وڃي، پاڪستاني نوجوان ڪرغزستان ۾ پاڪستان جا سفير آهن : ب... صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ انٽرميڊيئٽ نتيجن ۾ ڦيرڦار بابت ڪيس ۾ جج نه هئڻ سبب 8 جوابدارن جي عبوري ضمانت... سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ وڪيلن کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو  گهوٽڪي ويجهو ساوند-سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن ڳوٺاڻي کي اغوا بعد قتل ڪري ڇڏيو ڪوٽڙي ۾ 12 ورهين جي نينگر سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش ٿي آهي، پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪري...

غزه تي پاڪستان ۽ ايران جو موقف ساڳيو آهي، پرڏيهي آفيس

وزيراعظم شهباز شريف 28 اپريل تي سعودي عرب جو دورو ڪندو، پاڪستان ۽ ايران طرفان هڪ ٻئي جي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته  پاڪستان ۽ ايران  وچ ۾ ٻه طرفا مضبوط لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جو غزا تي موقف ساڳيو ئي آهي، ايراني صدر جي دوري دوران ٻه طرفا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون آهن، غزا ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي فوري طور ختم ٿيڻ گهرجي، اسرائيلي ظلمن جي عالمي سطح تي جاچ ڪئي وڃي.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف 28 اپريل تي سعودي عرب جو دورو ڪندو.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار رياض ۾ عالمي اقتصادي فورم ۾ شرڪت ڪندا، وزيراعظم سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان به ملاقات ڪندو.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٻين عالمي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو، وزيراعظم مئي ۾ او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گمبيا جو دورو ڪندو.

هن چيو ته ايراني صدر ٽن ڏينهن وارو پاڪستان جو دورو ڪيو، ٻنهي ملڪن مختلف شعبن ۾ سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون، پاڪستان ۽ ايران طرفان هڪ ٻئي جي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ايران  وچ ۾ ٻه طرفا مضبوط لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جو غزا تي موقف ساڳيو ئي آهي، ايراني صدر جي دوري دوران ٻه طرفا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون آهن.

ممتاز زهرا بلوچ چيو ته غزا ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي فوري طور ختم ٿيڻ گهرجي، اسرائيلي ظلمن جي عالمي سطح تي جاچ ڪئي وڃي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان کي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، والاريل ڪشمير عالمي سطح تي تڪراري علائقو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
26 %
1.9kmh
5 %
آچر
30 °
سُومر
33 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
36 °

تازه ترين خبرون