وزيراعظم شهباز شريف اڄ گڏيل عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿيندو

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف اڄ گڏيل عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿيندو، جتي هو ورلڊ گورنمينٽ سمٽ ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي دعوت تي دورو ڪري رهيو آهي. سربراهي اجلاس ۾ وڏي تعداد ۾ رياستن حڪومت جا سربراهه، عالمي پاليسي ساز ۽ خانگي شعبي جون اهم شخصيتون شرڪت ڪنديون. مارچ 2024 ۾ عهدو سنڀالڻ کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو هي يو اي اي جو ٻيو دورو آهي، وزيراعظم سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به هوندو، جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ٻيا اهم ڪابينا ميمبر شامل هوندا. وزيراعظم گڏيل معاشي ترقي، ڊجيٽل تبديلي ۽ گورننس سڌارن لاءِ پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪندو، ۽ ورلڊ گورنمينٽ سمٽ ۾ به اهم خطاب ڪندو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي قيادت سان ٻطرفي ملاقاتون پڻ ڪندو. وزيراعظم شرڪت ڪندڙ ملڪن جي رياست ۽ حڪومت جي سربراهن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي سربراهن سان پڻ ملاقات ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
29%
1.1m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون