تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان پيڪا ايڪٽ خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس ، جواب طلب

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ پيڪا ايڪٽ خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ٻن هفتن اندر اٿاريل نقطن جو جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت درخواستگذار جي وڪيل علي طاهر کان پڇاڻو ڪيو هن قانون ۾ ڇا غلط نظر اچي ٿو؟ عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪو غلط خبر پکيڙي ٿو ته ان کي سزا نه ملڻ گهرجي. وڪيل بئرسٽر علي ظفر چيو ته ڪير فيصلو ڪندو ته ڇا صحيح آهي ۽ ڇا غلط؟ اهو بنيادي سوال آهي. چيف جسٽس شفيع صديقي چيو ته سڀ فيصلا عدالتن ۾ ته نه ٿيندا آهن، ڪجهه فيصلا اختيارين کي ڪرڻا پوندا آهن. چيف جسٽس شفيع صديقي پڇاڻو ڪندي چيو ته توهان کي اختيارين جي فيصلن خلاف اپيل ڪرڻ جو به حق آهي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اهي بنيادي حقن جا فيصلا آهن جيڪي عدالت کي پاڻ ڪرڻ گهرجن. جسٽس شفيع صديقي چيو ته جيڪڏهن هي بنيادي حقن جو مسئلو آهي ته ان کي آئيني بينچ ۾ ٻڌڻ گهرجي. وڪيل بئرسٽر علي طاهر چيو ته اٽڪ سيمينٽ ڪيس ۾، هن عدالت فيصلو ڏنو آهي ته باقاعده بينچ ڪنهن به قانون جي آئيني حيثيت جو جائزو وٺي سگهن ٿيون. چيف جسٽس شفيع صديقي چيو ته هو نوٽيس جاري ڪندا ۽ وڪيلن کي تيار ٿي پيش ٿيڻ جي اميد رکن ٿا. عدالت وفاقي سرڪار ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
12 %
5.9kmh
40 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون